حيدر خان

حيدر خان (فلم): نصر فلمز جي پيشڪش هيءَ رنگين سنڌي فلم 13 ڊسمبر 1985ع تي رليز ٿي. هن فلم جو موسيقار غلام علي، هدايتڪار يوسف نصر، پروڊيوسر اي. نذير ڪاوش هو. فلم ۾ وسيم، ريٽا، رحمٰن، عائشه، امداد جويو، فتح محمد، اسد قريشي، صائمه ۽ جلال چانڊئي اداڪاري ڪئي. هيءَ فلم نشاط سئنيما حيدرآباد، المنظر سئنيما لاڙڪاڻي، پيراڊائز سئنيما سکر، ڪاڪ محل سئنيما مورو، شاهين سئنيما شهدادپور، محفل انجمن سئنيما ڪراچي، تصوير محفل سئنيما ڪراچي ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. فلم جو موضوع نج سنڌي سماج جي عڪاسيءَ تي ٻَڌل هو. هيءَ فلم ڏسندڙن ۾ ڪافي مقبول وئي.


لفظ حيدر خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1985.12.13  عيسوي

نصر فلمز جي پيشڪش هيءَ رنگين سنڌي فلم 13 ڊسمبر 1985ع تي رليز ٿي.



ثقافت ۽ فن - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ثقافت کاتو پاڪستان
تهذيب
سخي سليمان شاهه جو ميلو
رِلي
تڻي جو هار
ثقافت
سهاڻي فقير جو ميلو
اجرڪ
دير ڌڻيءَ جو ميلو
امير ( فلم )
ثقافت ۽ فن ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون